غزل ڪنھن الهڙ نينگر جي پيرن جي پائل وانگي

"غزل ڪنھن الهڙ نينگر جي پيرن جي پائل وانگي ھو عشق منهنجو تنھنجي در تي بيٺل ڪنھن سائل وانگي ھو سُکن جو ساٿ سُورن سان، وارن سِينڌُ وانگي ھو دلِ درياءَ جو ھڪ ڇولو به توتي مائل وانگي ھو اجايون آس ۾ ويٺيون ، ھي پياسيون ، ھي اکڙيون تنھنجي ھڪ ديد لئہ جانم، دل ڪنھن زائر وانگي ھو نھاريو تو جڏھن جانم ، لِڪِي ڪنھن چور وانگي جو، تنھنجي نظرن جو سو تجلو تکي ڪنھن تير وانگي ھو محبت تشنگي آھي ، تنھنجي دل کي ٻڌائيندم توسان دُوريءجي موسم ۾، دل ھيء گهائل وانگي ھو. سنڌو آرواني"

 غزل

ڪنھن  الهڙ  نينگر  جي  پيرن  جي  پائل  وانگي  ھو
عشق منهنجو تنھنجي در تي بيٺل ڪنھن سائل وانگي ھو

سُکن جو ساٿ سُورن سان، وارن سِينڌُ  وانگي  ھو
دلِ درياءَ جو ھڪ ڇولو به توتي مائل  وانگي  ھو

اجايون  آس ۾ ويٺيون ، ھي پياسيون ، ھي  اکڙيون
تنھنجي ھڪ ديد لئہ جانم، دل ڪنھن زائر وانگي ھو

نھاريو تو  جڏھن جانم ، لِڪِي ڪنھن چور  وانگي جو،
تنھنجي نظرن جو سو تجلو تکي ڪنھن تير وانگي ھو

محبت   تشنگي   آھي ،  تنھنجي  دل  کي  ٻڌائيندم
توسان دُوريءجي موسم ۾، دل ھيء گهائل وانگي ھو.

سنڌو آرواني

غزل ڪنھن الهڙ نينگر جي پيرن جي پائل وانگي ھو عشق منهنجو تنھنجي در تي بيٺل ڪنھن سائل وانگي ھو سُکن جو ساٿ سُورن سان، وارن سِينڌُ وانگي ھو دلِ درياءَ جو ھڪ ڇولو به توتي مائل وانگي ھو اجايون آس ۾ ويٺيون ، ھي پياسيون ، ھي اکڙيون تنھنجي ھڪ ديد لئہ جانم، دل ڪنھن زائر وانگي ھو نھاريو تو جڏھن جانم ، لِڪِي ڪنھن چور وانگي جو، تنھنجي نظرن جو سو تجلو تکي ڪنھن تير وانگي ھو محبت تشنگي آھي ، تنھنجي دل کي ٻڌائيندم توسان دُوريءجي موسم ۾، دل ھيء گهائل وانگي ھو. سنڌو آرواني

#ghazal

People who shared love close

More like this

Trending Topic